اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي سڌارا لاڳو ڪرڻ جي پاڻ نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته مع??شت جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي مع??شت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ??حسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر نويد احمد، ڊاڪٽر فراز حيات ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ??رڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي مع??شت جي مختلف شعبن ۾ سڌارن ??ي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ روانگي واپار ۾ اضافي، بجلي جي شعبي جي ترقي، اوڳاڙين ۾ اضافي، ص??عت?? ترقي جي حوالي سان تجويزون ڏيندي هڪ جامع روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪي مع??شت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ماهرن ۽ سمورين ڌرين کي مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڌرين سان مشاورتي اجلاسن جي پاڻ صدارت ڪندس. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار جي عالمي منڊي تائين پهچ ۽ برآمدي صنعت کي سموريون سهولتون يقيني بڻائينداسين، وڌيڪ ٽيڪس بدران ٽيڪس نيٽ وڌائڻ سان اوڳاڙين ۾ اضافو ڪنداسين، پاڪستان ۾ ننڍي، وچولي ۽ وڏي پئماني جي صنعت کي ترقي ڏينداسين. وزيراعظم مع??شت جي شعبن جي مرحليوار سڌارن ??ي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي درآمدي پاليسي ۾ ويليو ايڊيشن سان برآمدات وڌائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بجلي جي شعبي جي موجوده صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته نوجوانن کي جديد ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ علم ۽ هنر سان ليس ڪنداسين. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام جاري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. پاڪستان ۾ برآمدي شعبي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ عالمي ماهرن ??ي تجربي مان فائدو کنيو ويندو. وزيراعظم ملڪي مع??شت جي شعبن جي مرحليوار سڌارن ??ي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
معاشي سڌارا لاڳو ڪرڻ جي نگراني پاڻ ڪندس، معيشت جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں