اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي هدايت ڪئي آهي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان به فوري رابطو ڪيو وڃي، ??ن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ??رد??ر ادا ڪري سگهي ٿي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگ??ان ??زي??اعظم چيو ته گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو اهم ??رد??ر آهي. ??ن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي زهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. ??ن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ??ن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ??رد??ر اد اڪري سگهي ٿي. نگ??ان ??زي??اعظم اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان پڻ فوري رابطو ڪيو وڃي. اي پي اين ايس جي وفد ۾ صدر ناز آفرين، سيڪريٽري جنرل سرمد علي، فنانس سيڪريٽري شهاب زبيري شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگ??ان وفاقي ??زي?? مرتضيٰ سولنگي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
نگران وزيراعظم پاران اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil