اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي لکي?? خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پنهنجي ??ط ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن جي لاءِ اتفاق راءِ آهي، سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي. صدر ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??نرل سيڪريٽري عمر ايوب خان پاران ملي?? خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جمهوريت ??ي پاڪستان جي ??ياست ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آهي، ماڻهن جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ??ريعي پنهنجي ??اءِ جو اظهار ڪرڻ ئي جمهوريت ??و روح آهي. پنهنجي ??ط ۾ صدر چيو ته اهو انتهائي اهميت ??کندڙ آهي ته نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ڪري. هن چيو ته ان ڏس ۾ نگران حڪومت جي ??مورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي نگران وزيراعظم جا تازا بيان اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ??ئين جي ??رٽيڪل 41 تحت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي ??يثيت ??ان جمهوريه جي ??تحاد جي ??لامت آهي، آئين موجب سمورن ادارن سميت ??در ۽ وزيراعظم شهرين جي ??قن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن. صدر لکيو ته پاڪستان جي ??ئين جو آرٽيڪل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿو ته قانون موجب سلوڪ ڪرڻ هر شهري جو مڃيل حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي ??رٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ڪرڻ هر شهري جو حق آهي. صدر چيو ته آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي ??زادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط، آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج