??سل??م آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور ??سل??م آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يو??پ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياسي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪ??ري?? جها?? راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪاري پارٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪائونسل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی