اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيب??پخ??ونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيب??پخ??ونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023?? ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيب??پخ??ونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اس??مبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اس??مبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيب??پخ??ونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023?? ۾ خيب??پخ??ونخواهه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيب??پخ??ونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيب??پخ??ونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023?? ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيب??پخ??ونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خيب??پخ??ونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيب??پخ??ونخواهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.
خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر