راولپنڊي -22 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير 25 مئي تي يوم تڪريم شهداء پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي?? ته مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو قيمتي اثاثو ۽ سرمايو آهن. پاڪ فوج هڪ اداري طور پاڻ سان ڳنڍيل هر شخص کي ۽ ان جي پونئرن کي هميشھ ياد رکي ٿي ۽ اسان جو اهو رشتو هڪ خاندان طور قابل فخر آهي، پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر سڀني علائقائي، لساني ۽ سياسي ۽ تعصبن کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي مٿانهون رکي ٿو. اهڙو اظهار هن جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ غازين جي مانَ ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف آپريشنز دوران بهادري ۽ قوم لاءِ شاندار خدمتن تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوج?? اعزازن سان نوازيو. 51 ??فيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري)، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ۽ 2 جوانن کي گڏيل قومن جي خاص ميڊل ج?? اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پاڪ فوج جي سينئر افيسرن ۽ شهيدن جي پونئرن شرڪت ڪ??ي. آرمي چيف چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظ??م قربانين سبب اسان هڪ آزاد فضا م زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي. هن تازو ئي فوجي ٺڪاڻن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهي ناقابل برداشت آهن.
25 مئي تي يوم تڪريم شهداء پاڪستان ملهائڻ جو اعلان، مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ