اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزاد?? سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ض??رو?? آهي، حڪومت صحافين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صحافي برادري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا وي??دا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز ??ي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته صحافين جي اجتماعي ۽ ان??رادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ ان??ن جي حل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته صحافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.
اظهار جي آزادي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب