اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ??ين??ا. سي??يٽ جي اجلاس ۾ سوال?? جي وقفي دوران سي??يٽر مشتاق احمد جي سوال جو جواب ڏي??دي هن چيو ته آدمشماري هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپي?? جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستا?? جي جي ڊي پي جي قرض جو تناسب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سيڪڙو هو جڏهن ته مارچ 2021ع جي آخر ۾ 79.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ??يو.
آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2