رياض – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڪس??ان جو مطلب پاڪس??ان کي اسلامي فلاحي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، مالياتي خسارو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، پاڪس??ان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت امن ۽ استحڪام جي آهي، ڀارت سم??ت پاڙيسري ملڪن سان امن جا خواهشمند آهيون، معدنيات، هائوسنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي سم??ت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع ام??ان موجود آهن، ٻاهرين سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، سم??ڊ پار پاڪستانين کي قانوني ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي لاءِ متوجهه ڪيو پيو وڃي. هو سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ”مستقبل ۾ سيڙپڪاري جا موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ ڳالهائي رهيو هو.
نئين پاڪستان جو مطلب ملڪ کي اسلامي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان