قازان-25 آڪٽوبر (اي پي پي)روس چيو آه?? ته هو وچ اوڀر ۾ تڪرارن جي خاتمي ۾ مدد لاءِ تيار آه??. پرڏيهي خابرو اداري موجب روس جي صدر ولاد مير پيوٽن چيو آه?? ته روس وچ اوڀر ۾ جاري واقعن تي فڪر مند آه?? ۽ سندس خيال آه?? ته اتي تڪرارن جي حل لاءِ حالتون پيدا ڪرڻ ۾ سندس ڪردار آه??. هن وڌيڪ چيو ته روس نٿو چاهي ته تڪرار پکڙجي، هو سمجهي ٿو ته خطي جو ڪو به ملڪ مڪمل جنگ نٿو چاهي، روس جي صدر چيو ته وچ اوڀر مڪمل جنگ جي ڪناري تي آه??، هن تشدد جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. روسي شهر قازان ۾ برڪس پلس سربراهي اجلاس ۽ دوستن جي پهرين مڪمل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ روس جي صدر چيو ته وچ اوڀر جو بحران تاري?? جو سڀني کان خوني بحران بڻجي ويو آه??. هن وضاحت ڪئي ته وچ اوڀر جي بحران سبب ڳڻتي پيدا ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر