عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوتريش چيو ??هي?? ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي انروا سان سهڪار جاري رکيو ??يندو. سيڪ??يٽ??ي جنرل انروا تي لڳاتار اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ان اداري جي حوالي سان اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ ج?? فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عمان ۾ واقع وحدت مهاجر ڪي??پ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اداري جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزامن جي جاچ جاري آهي ۽ انروا جي مالي سهڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ملڪن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي سهڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو ??ڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زندگي مهيا ڪرڻ ج?? هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ ج??ن ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز