دمشق -27 نومبر (اي پي پي) شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ اسرائيلي فوج جي حملن سبب دمشق جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سروسز معطل ڪيون ويون. سعودي خابرو اداري شامي ميڊيا جي حوالي ??ان ٻڌايو ته شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو جنهن کان پوءِ المزه ۽ المعضميه جي آسپاس وارن عل??ئقن ۾ دونهين جا ڪڪر ڇانئجندي ڏٺا ويا. شامي ميڊيا ٻڌايو ته اسرائيل طرفان نشانو بڻ??ئڻ جي نتيجي ۾ دمشق جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سروسز معطل ٿي ويون آهن. سيريئن آبزرويٽري گادي واري هنڌ دمشق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ جو اطلاع ڏنو آهي. شامي اخ بار الوطن چيو ته اسرائيل دمشق جي عالمي هوائي اڏي کي نشانو بڻ??يو آهي جنهن سبب دمشق ايندڙ جهازن جو رخ حلب ۽ لاذقيه هوائي اڏن ڏانهن موڙيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی