واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته فرانس جي نائ??جر مان واپسي بعد نائ??جر جي حوالي سان آمريڪي موقف ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، فرانس جي نائ??جر مان پنهنجي فوج جي واپسي جي اعلان بعد آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته فرانس جي ان قدم بعد اسان جو موقف تبديل نه ٿي??دو. هن چيو ته نائ??جر ۾ هن وقت اٽڪل 1100 آمريڪي فوجي اهلڪار مقرر آهن. ٻئي طرف آمريڪي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي، ته فرانس طرفان نائ??جر مان پنهنجي سفير ۽ فوج جي واپسي واري اعلان بعد آمريڪا نائ??جر بحران جي حوالي سان پنهنجي مستقبل جي قدمن جو جائزو وٺ??دو. هن ڪينيا جي دوري دوران نيروبي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن ته اسان سفارتڪاري کي هڪ اهم موقعو ڏيندا آهيون ته اسان مستقبل لاءِ اهڙن قدمن جو به جائزو وٺي رهيا آهيون جنهن سان اسان جي سفارتي ۽ سلامتي وارن هدفن کي ترجيح ملي.
نائيجر مان فرانس جي واپسي بعد به آمريڪي موقف تبديل نه ٿيندو: ترجمان
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ