باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊينم??رڪ سان گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتص??دي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ڊينم??رڪ جي وزيراعظم ٻطرفي اقتص??دي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي ڊينم??رڪ جي وزيراعظم ميٽ فريڊرڪسن سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڊينم??رڪ جي وچ ۾ سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي گرين ٽرانزيشن ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي فروغ سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي اهم ترجيحن تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڌرتي کي موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچائي سگهجي. هن سال پاڪستان ۽ ڊينم??رڪ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتص??دي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊينم??رڪ جي وزيراعظم ٻطرفي اقتص??دي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران ڊينمارڪ سان گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ