اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سرينا چؤڪ م??صو??و 60 ڏينهن ۽ ايف نائن پارڪ م??صو??و 100 کان 120 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، مارگله ايڪسپريس کي موٽر وي سان ڳنڍڻ سان ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس کان موٽر وي جو سفر 15 کان 20 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو. فيض آباد پُل کي ڪشادو ڪرڻ، راول ڍنڍ روڊ، مارگلا روڊ کي بهتر ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي اسلام آباد جي ??وبصورتيءَ کي يقيني بنائڻ اسان جي ??ولين ترجيح آهي. ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگهو جهنڊو اسلام آباد ۾ لڳائ??ند??سين. اهڙو اظهار هن ايف نائن م??صو??و، سرينا چؤڪ م??صو??ي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي م??صو??ن جو باقائده پيڙهه جو پٿر ??کي??. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو معاملن بابت قومي اسيمبليءَ جي ??سٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين خرم نواز، قومي اسيمبلي ميمبر انجم عقيل خان، طارق فضل چوڌري سميت ٻيا اسيمبلي ميمبر ۽ معزز شخصيتون تقريب ۾ موجود هيون. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان لاءِ اڄ اهم ڏينهن آهي، سرينا چؤڪ ۽ ايف نائن پارڪ م??صو??ي جو ڪائونٽ ڊائون اڄ شروع ٿي چڪو آهي. سرينا چؤڪ م??صو??و 60 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، اهڙي طرح ايف نائن م??صو??و 100 کان 120 ڏينهن دوران مڪمل ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد جي ??وبصورتيءَ تي سي ڊي اي تمام ڪم ڪيو، اسان ايس سي او تي اسلام آباد کي جهڙيءَ طرح خوبصورت بڻايو آهي، هاڻ اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي مستقل بنيادن تي برقرار رکون. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جون سموريون شاهراهون اهڙيءَ طرح رات جو به روشن رهنديون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ فائيو اسٽار هوٽلز جي گهٽتائي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻن جاين جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ان مقصد لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻن پلاٽن جي نيلامي ڪنداسين ۽ يقيني بڻائ??ند??سين ته جيڪو پلاٽ وٺي اهو فوري طور تي فائيو اسٽار هوٽل بڻائي، اهڙيءَ طرح ننڍن هوٽلن جي پلاٽن جي نيلامي ٿي چڪي آهي، انهي مُد?? دوران وزيراعظم سفاري پاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. گهرو وزير چيو ته فيض آباد چؤڪ جي پُل کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، فيض آباد چؤڪ جيڪو راولپنڊي کان اچي رهيو آهي اهو جام ٿي ويندو آهي، اهو م??صو??و به ٻنهي ميگا پراجيڪٽس سان گڏ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جي مدد سان اسان ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگهو جهنڊو اسلام آباد ۾ لڳائ??ند??سين.
اسلام آباد جي خوبصورتيءَ کي يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina