اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آ??ِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي ل??ءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي ??ان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آ??ِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو ٻيڙي حادثي جي حوالي ??ان يوناني عملدارن ??ان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي ??ان معلومات ۽ مدد جي ل??ءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني ??ان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجر??ت، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني اسمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان قانونسازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معا??لن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا اح??ان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر