اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي ??سي??بليءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو. قومي ??سي??بليءَ جي اجلاس ۾ سي?? خورشيد احمد شاهه رٿ پيش ڪئي ته ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن جي قانون واري وزير مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه شيون پيچيده آهن، ان معاملي کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پارلياماني ڪميٽيءَ کي موڪليو وڃي. سي?? نويد قمر چيو ته لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي ئي بل موڪليو وڃي ۽ قانون وارو وزير به ان تي به پنهنجي راءِ ڏي. قانون واري وزير چيو ته قانونسازي هڪ مستقل ڪم آهي ۽ اه?? بهتريءَ لاءِ ٿيندي آهي. کاتن جي ايلوڪيشن رول آف بزنس تحت ڪابينه وقت بوقت تبديل ڪندي رهندي آهي، جنهن کاتي طرفان بل ايوان ۾ ايندو آهي اهو ان کان ئي لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي موڪليو ويندو آهي. ان موقعي تي سي?? نويد قمر ??ذر??ل ڏينهن منظور ٿيل هڪ بل جو حوالو ڏنو جنهن جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته زميني رستن ذريعي ٿيندڙ واپار جي نگرانيءَ لاءِ ڊراءِ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل هو جنهن ۾ مختلف ادارن جي ڪ??آر??ينيشن کي اسٽريم لائن ڪيو ويو آهي ۽ زميني رستن ذريعي واپار کي ريگيولرائيز ڪيو ويو آهي. بعد ۾ سي?? خورشيد شاهه بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو.
ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ پيش
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ