قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن جي لاءِ نوجوانن کي بااختي??ر بڻائڻ کي انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته تخليقي صلاحيتون رکندڙ نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي رجحان کي فروغ ڏيڻ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، ڊيجيٽل دنيا ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ۽ اربين رپين جا قرض ڏنا پيا وڃن، غزه ۾ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه رڳو خطي پر دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسرندڙ ملڪن جي تنظيم ڊي – 8 جي 11هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪند?? ڪيو. وزي??اع??م ڊي – 8 سربراهي اجلاس جي ميزباني تي مصري حڪومت ۽ ان جي قيادت کي مبارڪباد ڏيندي ڀائر ملڪ آذربائيجان کي ڊي – 8 ميمبر بڻجڻ تي ڀليڪار چيو ۽ ان يقين جو اظهار ڪيو ته آذربائيجان، صدر الهام عليوف جي باصلاحيت قيادت ۾ ڊي – 8 جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪندو. وزي??اع??م غزه ۾ جنگبندي کي انتهائي اهم ۽ ضروري قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غزه ۾ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه رڳو خطي پر دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي. وزي??اع??م چيو ته نوجوان ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار، معاشي ترقي جا اهم محرڪ آهن. نوجوان توانائي، نئين خيالن ۽ تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور آهن. وزي??اع??م چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار نوڪريون فراهم ڪن ٿا، مقامي سطح تي ڪاروبار کي فروغ ڏين ٿا. هن ڊي – 8 ميمبر ملڪن جي لاءِ نوجوانن کي بااختي??ر بڻائڻ کي انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته هن سال سربراهي اجلاس جو مرڪزي خيال ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي رجحان کي فروغ ڏيڻ“ اصل ۾ 21هين صدي ۾ اسان جي گڏيل خوشحالي جو خاڪو آهي. هن نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن طرف رجحان جي فروغ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته پاڪ??تا?? جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي جدت ۽ ترقي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿا. وزي??اع??م چيو ته پاڪ??تا?? حڪومت پنهنجي فليگ شپ يوٿ پروگرام جي ذريعي، معياري تعليم، روزگار ۽ پيداواري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته 2013ع کان هيستائين ان پروگرام جي ذريعي لائق ۽ قابل شاگردن ۾ 6 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ۽ هزارين اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن. لکين نوجوانن کي مصنوعي ذهانت، ڊيٽا ايناليٽڪس ۽ سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? دنيا جي سڀ کان وڏي فري لانسرز ڪميونٽيز مان هڪ آهي. اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت تي ڌيان ڏئي رکيو آهي ته جيئن وڏي پئماني تي پنهنجي نوجوانن کي جديد صلاحيتن سان ليس ڪري سگهون، ڊيجيٽل دنيا سان وڌيڪ بهتر طرح سان ڳنڍجي سگهون ۽ نوڪرين جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن. وزي??اع??م چيو ته پاڪ??تا?? حڪومت يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي ذريعي اربين رپين جا قرض ڏنا آهن جنهن جو مقصد نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. وزي??اع??م چيو ته اسان جي اسٽارٽ اپس پاڪ??تا?? ۽ نيشنل انوويشن ايوارڊز جهڙن قدمن جو مقصد هڪ اميد ڀريي اسٽارٽ اپ ماحول کي فروغ ڏيڻ ۽ انڪيوبيشن جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. وزي??اع??م چيو ته 11هون ڊي – 8 سربراهي اجلاس ايس ايم ايز جي حوالي سان حصيداري جو هڪ ناياب موقعو آهي. وزي??اع??م چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪنيڪٽيوٽي لازمي آهي جيئن ته 2021ع ۾ ڍاڪا جي پڌرنامي ۾ ان حوالي سان زور ڏنو ويو آهي ته اسان کي ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيوٽي کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيڻ ۽ ان حوالي سان امڪانن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل واپاريل لنگهن ۽ قابل اعتماد سپلاءِ چينز وجود ۾ اچي سگهن. ان سلسلي ۾ وزي??اع??م پاڪ ايران ترڪي ڪوريڊور جو حوالو ڏيندي ان کي هڪ بهترين منصوبو قرار ڏنو. وزي??اع??م چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته پاڪ??تا?? جي ڪابينا تڪرار اڪلائڻ جي مڪينزم جي حوالي سان ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن سان پروٽوڪول ۽ ترجيحي واپاري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزي??اع??م چيو ته جيڪي موقعا اڄ اسان فراهم ڪنداسين ان تي ايندڙ نسلن جي مقدر جو دارومدار آهي. اچو اسان انهن نوجوانن کي بااختي??ر بڻائڻ جا مناسب موقعا فراهم ڪريون ته جيئن اسان جو مستقبل هڪ بااختيار نسل جي هٿن ۾ هجي.
تخليقي صلاحيتون رکندڙ نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي رجحان کي فروغ ڏيڻ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی