اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ت?? سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد جو هئڻ تمام ا??م آهي، چاهيون ٿا ته ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ٿئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير ٽڪ ٽاڪ جي وفد سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ٽڪ ٽاڪ وفد جي قيادت ڊائريڪٽر پبلڪ پاليس?? ايمرگيلن ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سوشل ميڊيا تي معياري مواد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي ت?? آءِ ٽي جو سيڪريٽري ضرار هاشم خان به موجود هو. وفد مملڪتي وزير کي ٽڪ ٽاڪ جي پاڪستان ۾ قدمن ۽ مستقبل جي ??رو??رامن جي باري ۾ بريف ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ جا تمام گهڻا صارفين آهن، اهو تمام ضروري آهي ت?? سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد ميسر هجي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ٿئي، ان ذريعي مختلف قسمن جا اسڪلز ۽ لوڪل ٻولين ۾ بنيادي تعليم ڏئي سگهجي ٿي، انهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي وزارت ٽاڪ ٽ??ڪ کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي. ٽڪ ٽاڪ جي وفد مملڪتي وزير کي خاطري ڪرائي ت?? ٽڪ ٽاڪ تي وڌ کان وڌ معياري ۽ فائديمند مواد کي يقيني بڻايو ويندو. وفد چيو ته ٽڪ ٽاڪ وزارت آءِ ٽي جي ذيلي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد جو هئڻ تمام اهم آهي: مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea