اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف سان جمهوريه تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ايوي اي??ن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري و??ير سمورن حل طلب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي ع??م جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ??ائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کانسواءِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪومت جي ع??م جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه اي??ان جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع واري و??ير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، دفاع واري و??ير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ اي??ان وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ان معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو.
وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر