اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزيراعظم يوٿ پرو??را?? جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزيراعظم يوٿ پرو??را?? جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ مختلف ق??من ۽ پرو??را??ن ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ??ي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت مشترڪه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم يوٿ پرو??را?? ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ڪري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراعظم يوٿ پرو??را?? جي 6 قدمن جو افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار سان اي آءِ ايجوڪيشن پرو??را?? ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.
دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پاران وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان کي ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن جو اعزاز ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد