اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد ??وس?? رضا گيلاني پاڪستان ۽ آذربائيجان کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ تعليمي ۽ پارلياماني مٽاسٽا، رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملا??ات ڪئي. پاڪستان ۽ آذربائيجان معيشت، واپار، توانائي، مواصلات ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تع??ون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر سيد ??وس?? رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، باڪو ۾ ملتان سرائي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ صديون پراڻي لاڳپن جو واضح ثبوت آهي، ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ باڪو ۽ ملتان کي ”سسٽر سٽيز“ قرار ڏيڻ گهرجي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تع??ون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ مختلف عالمي فورمز ??ي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير چيو ته عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سياحت، ڪاروبار ۽ تعليم جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻا پوندا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تع??ون انتهائي اهم آهي، پاڪ آذربائيجان تع??ون کي معيشت، واپار ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ وڌائڻو پوندو، مواصلاتي ۽ عوامي رابطن جي فروغ سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ٿيندا. سيد ??وس?? رضا گيلاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت تي آذربائيجان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن