اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير جي موج??ده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي، ته اهي پنهنجي مطالبن جي حل لاءِ پرامن رستو اختيار ڪن. وزيراعظم ان ??الهه تي زور ڀريو ته بحث مباحثو ۽ پرامن احتجاج جمهوريت جي خوبصورتي آهي، پر قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ کي برداشت نه ٿو ??ري سگهجي. هن ايڪس ٽائيم لائين تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته بدقسمتي سان افراتفري ۽ اختلاف راءِ جي صورتحال ۾ هميشه ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي فوري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ شروع ??ري ڏيندا آهن. هن وزيراعظم آزاد ڪشمير سان به ڳالهايو ۽ خطي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سمورن عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ??ڏجي پرامن حل تلاش ڪن. هن جو چوڻ هو ته مخالفن جي ??وششن باوجود اميد آهي، ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، پرامن حل جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena