رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻ جي عزم جو و??جا??ُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وچ ۾ رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ 4 مارچ 2024ع تي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ ۽ 10 اپريل 2024ع تي عيدالفطر جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيندي فن ۽ ادب خاص طور تي پاڪستان جي قومي شاعر علامه اقبال بابت سندس علم کي ساراهيو. ملائيشيا جي وزيراعظم ڪجهه جُملا اردو ۾ ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو جتي ماضي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندا هئا. ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو ۽ غيرمعمولي گرمجوشي ??سڻ ۾ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي واپاري ۽ ڪاروباري وفدن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو و??جا??ُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان مُلاقات، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش