اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي ??کڻ?? پوي ٿي. پنهنجي مبارڪباد وا??ي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي ??کڻ?? پوي ٿي. هن چيو ته غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي چو??ڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، فنانس سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگزيڪيوٽو باڊي جي م??مب??ن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد علي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪباد ڏني.
صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری