مظفر ??با?? – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي ت??ليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي ب??يادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا پاران نگران وزيراعظم جي آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تقريب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميرين، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو. آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم جي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئون آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران وزيراعظم آزاد ڄ??ون ۽ ڪسمير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفر??با?? ايڪسپريس وي، مانسهره – مظفر??با?? – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي ت??مير جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي ب??يادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين وزارتن ۾ آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڪمن کي ت??جيحي ب??يادن تي مڪمل ڪرايو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.
ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo