راولپنڊي-12 ڊسمبر (اي پي پي) ??ير?? اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ عمارت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ??ير?? اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، ج??هن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، ج??هن جي نتيجي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، ج??هن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين دوران هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. 12 ڊسمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشتگردن جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد چؤڪي ۾ داخل ٿيا ۽ بارود سان ??ري?? گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ج??هن کي روڪيو ويو ته هن آپگهاتي حملو ڪيو ج??هن جي نتيجي ۾ ڌماڪي سبب عمارت ڪِري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ج??هن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪ??هن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ ??هي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم ??هي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز، 27 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ