بيجنگ – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ورلڊ ??يڊ??ا سمٽ ??يڊ??ا جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ??يڊ??ا جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهي. هن چيني خابرو اداري شنهوا کي ڏنل خصوصي انٽرويو دوران ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهو سربراهي اجلاس شرڪت ڪندڙن کي ثقافتي مٽاسٽا، صحافتي مواد جي هڪ ٻئي کي فراهمي، هڪ ٻئي جي زبانن کي سمجهڻ ۾ مدد، گڏيل قدمن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عالمي مسئلن جي گڏيل ڪوريج جهڙن شعبن ۾ تعاون جا موقعا فراهم ڪندو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته هي سربراهي اجلاس ??يڊ??ا ادارن جي لاءِ هڪ ٻئي کان سکڻ، موقعا حاصل ڪرڻ ۽ ??يڊ??ا جي ارتقا پذير شعبي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قابل قدر پليٽ فارم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي اي پي پي ۽ شنهوا جي وچ ۾ گڏيل اڳڀرائي ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ادارن جي موقف جي لاءِ هڪ وسيع پليٽ فارم فراهم ۽ وڌيڪ جامع عالمي مڪالمي کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ٻنهي ??يڊ??ا ايجنسين جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو جنهن جي شروعات 1964ع ۾ ??يڊ??ا تعاون جي هڪ ڪاميابي مثال طور تي ٿي ??ئي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ورلڊ ??يڊ??ا سمٽ (ڊبليو ايم ايس) ٻنهي ادارن جي حصيداري کي مضبوط بڻائيندو ۽ انهن جي لا??ِ نئين قدمن جي راهه هموار ڪندو. اي پي پي جي ايم ڊي ??يڊ??ا خاص طور تي ڊيجيٽل ۽ سوشل ??يڊ??ا جي وڌندڙ اثررسوخ جو اعتراف ڪندي ڪوڙي ۽ غيرمستنند خبرن جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ورلڊ ميڊيا سمٽ ميڊيا جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهي: ايم ڊي، اي پي پي محمد عاصم کچي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز