اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي ??ڌندڙ بحران کان بچائڻ جي ??اءِ زراعت ۾ ڊرپ ۽ اسپري ايريگيشن جهڙن پاڻي جي گهٽ خرچ ۽ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، زرعي شعبو ملڪ جو اٽڪل 95 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو جنهن جي ??اءِ پاڻي جي استعمال ۾ بچت جي حوالي سان فوري منصوبابندي ۽ سڌارا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد موسمياتي لحاظ کان لچڪدار پاڪستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي ??ظام جي ??اءِ تبديلي جي رستي جي ??وضوع تي عالمي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان ڪائونسل ريسرچ واٽر ريسورسز، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت، پاڻي وسيلن واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ يونيسيف ڪيو جنهن ۾ عالمي ۽ مقامي پاڻي ماهرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ??وجوده پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻ جي ??اءِ موثر انتظام جي ضرورت آهي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش پاڻي جو بحران سڀ کان اهم چئلينجن مان هڪ آهي جيڪو آبادي ۾ تيزي سان اضافي، شهرن جي ڦهلاءُ، صنعتڪاري، پاڻي وسيلن جي کوٽ، ماحولياتي بگاڙ، موسمياتي تبديلين ۽ غيرمعقول انساني روين جي ڪري وڌي ٿو. هن هيٺئين سطح تي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ تحقيق ۽ فني ??دت تي زور ڏنو ۽ چيو ته آبادگارن کي پاڻي جي تحفظ، برسات جي ??اڻي کي زخيرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميونٽي جي شموليت ۽ قانونن جو نفاذ پاڻي جي ??وثر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جا آبادگار آبپاشي جي روايتي طريقن تي دارومدار ڪن ٿا جنهن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته دنيا ڊرپ ۽ اسپري آبپاشي ۽ پاڻي جي ري سائيڪلنگ تي عمل ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن آبادگار متبادل فصل جي چونڊ ڪن ته جيڪو پاڻي جي استعمال جي حوالي سان گهٽ خرچ ٿئي ته فرق پئجي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر هالينڊ جو حوالو ڏنو جيڪو زميني ڪاٿي ۾ پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر بهتر طريقا استعمال ڪري خوراڪ جي ??صنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ??يو آهي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي رو??ن ۾ تبديلي تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي جي استعمال جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن جيڪي سستا ۽ فني طور تي بهتر هجن. پاڻي جي زيان کان بچڻ جي ??اءِ زراعت ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي جي ??يمتن جو تعين ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ٽيلي ميٽري سسٽم کي بهتر بڻائڻو آهي ۽ پاڻي جي ??نصفاڻي استعمال تي صوبن جي ??چ ۾ اعتمادسازي جو نظام تيار ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سسٽم مان فائدو کڻي سگهجي ??و. هن نشاندهي ڪئي ته واٽر پمپنگ پاڻي ذخيرن جي سطح کي متاثر ڪيو آهي ۽ ان جي کوٽ کان بچڻ جي ??اءِ روايتي پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪرڻ جي طريقن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر صنعتي گندڪچري کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کان بچڻ جي ??اءِ پاڻي جي ??يڪالي جي ??وثر نظام جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز ڊا??ٽر حفضه رشيد، انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ مان ڊا??ٽر بنيود هوماتوف ۽ ڊا??ٽر جوآن ڪارلوس سانچيز راميرز، انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ مان ڊا??ٽر اسٽيفن ڊيوس ۽ آسٽريلين سينٽر فار انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسچر مان ڊا??ٽر نيل لازارو پڻ خطاب ڪيو.
پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائڻ جي لاءِ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ