اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم پاڪستان جي يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم تحت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ سرڪاري شعبي ۾ قائم پنجن يونيورسٽين ۾ اڍائي هزار کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات ڪ??ي وئي آهي، ان پروگرام تحت بي ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سميت ٻين سمورن ڊگري پروگرامن ۾ اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي ميرٽ جي بنياد تي مفت ليپ ٽاپ مهيا ڪيا پيا وڃن. جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪشمير مظفر آباد يونيورسٽي جي ڪنگ عبدالله ڪيمپس ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 787 شاگردن ۽ ش??گردياڻين ۾ اعليٰ معيار جا ليپ ٽاپ ورهايا ويا. تقريب کي ڪشمير مظفر آباد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد ڪليم عباسي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر / وزيراعظم پاڪستان جي يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم بابت فوڪل پرسن قائم علي شاهه ۽ ٻين شاگردن ۽ ش??گردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا. تقريب ۾ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي ڊين، شعبن جي سربراهن، پرنسپل آفيسرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ ش??گردن ۽ ش??گردياڻي جي وڏي انگ شرڪت ڪ??ي. ڪنگ عبدالله ڪيمپس جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل ان تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڪليم عباسي ميرٽ تي ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي مبارڪو ڏنيون ۽ چيو ته ليپ ٽاپ جي سهولت ميسر اچڻ کانپوءِ شاگردن کي انٽرنيٽ ذريعي جتي تعليم ۽ تحقيق جي جديد ذريعن ۽ وسيلن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي اتي دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيندا. وائيس چانسلر وفاقي حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان آزاد ڪشمير جي هوشيار شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي ليپ ٽاپ مهيا ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪندي شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي هدايت ڪ??ي ته هو ان سهولت کي تعليم ۽ تحقيق لاءِ استعمال ڪن. هن چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير يونيورسٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان جي ڪل 280 فيڪلٽي ميمبرن مان 150 پي ايڇ ڊيز آهن ۽ انهن مان به اڪثريت ٻاهرين ملڪ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي نمائندي سيد قائم علي شاهه چيو ته هن اسڪيم تحت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي 652000 شاگردن ليپ ٽاپ لاءِ اپلائي ڪيو هو جن ۾ آزاد ڪشمير جي پنج يونيورسٽين جا اڍائي هزار شاگرد به شامل آهن جن کي هي ليپ ٽاپ سندن تعليمي ڪارڪردگي ۽ ميرٽ جي بنياد تي مهيا ڪيا پيا وڃن.
يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم تحت آزاد ڪشمير جي اڍائي هزار شاگردن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک