اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو ??واهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي ل??ءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن برطانوي پارليام??نٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سا??س ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پارليام??نٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪشم??ر بابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪشميري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليام??نٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏنو ته اهي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي ل??ءِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي تعلق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليام??نٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو.
پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک