اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجا??ز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪنهن ??يا??ي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي و??ير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ??يو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرفتار ??ري. هن چيو ته ڪو به ??يا??تدان ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي اهو ??يا??ي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي آزادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏي??دي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ ??يا??ي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي و??احت ضروري هوندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.
نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں