اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، س??ود?? عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان کي شاندار لفظن ۾ ساراهيندي چيو آهي ت?? اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ جي – 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي رد ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، اهو ??ڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي قانون کي ??ڪمل طور تي نظرانداز ڪندي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان اجلاس جي ميزباني ڪئي. ترجمان چيو ته جي – 20 اجلاس جو تڪراري علائقي ۾ منعقد ٿيڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي م??ڻهن سان غداري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن کان هو ??ن انتظار ۾ آهن ته عالمي برادري انهن جي خراب حالت تي ڌيان ڏي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ڪري. هن چيو ته مقامي آبادي کي ??رغمال بڻائي ۽ انهن کي انهن جي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري سياحت ۽ ترقي کي ??روغ نه ٿو ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ سان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حقيقت کي ??ه ٿو لڪائي سگهي. هن ڀارت پاران ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته تلخ حقيقت اها آهي ت?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير زمين تي سڀ کان وڏي فوجي علائقن مان هڪ آهي. هن چيو ته سرينگر اجلاس جي ڀرپاسي انتهائي حفاظتي قدم، وڏي پئماني ت?? گرفتاريون ۽ مقامي آبادي کي ??راسان ڪرڻ نئين آبادياتي علائقي ۾ معمول جي حالتن جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حالتن کي ??عمول تي آڻڻ جي پٺيان لڪائڻ ۾ واضح طور تي ناڪام رهيو آهي، جيڪو سرينگر اجلاس ۾ هيٺئين سطح جي نمائندگي ۽ ڪيترن اهم نمائندن جي غيرموجودگي م??ن ظاهر ٿئي ٿو. هن سرينگر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي عوامي جمهوريه چين، س??ود?? عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه مصر ۽ سلطنت اومان کي ساراهيندي چيو ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن. ترجمان واضح ڪيو ته جي – 20 جو قيام بنيادي طور تي عالمي م??لياتي ۽ اقتصادي م??ئلن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ان اجلاس کي ??نعقد ڪري هڪ ٻئي عالمي فورم تي سياست ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مفاداتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ موجوده چيئر جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ان بدران ڀارت کي عالمي ميڊيا ۽ آزاد انساني حقن جي ت??ظيمن کي ??نهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ گهرائي بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ اتي جاري ڏاڍ جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري جي قيام سان اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي م??ڻهن جي لاءِ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم ڪرائڻ گهرجي ت?? جيئن اهي پنهنجي م??تقبل جو پاڻ تعين ڪري سگهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته 22 مئي ت?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، هو ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندڙ پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڪشميري عوام جي همت کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن لائين آف ڪنٽرول ويجهو ??هندڙ آبادي سان مخلصاڻي همدردي جو اظهار ۽ ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پراڻي ڳانڍاپي ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان پاران سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان جي شاندار لفظن ۾ ساراهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ