مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي ??ي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ا??تو??يو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري م??ابق مونٽريال ۾ حياتياتي موضوع تي م??اڪر?? کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي م??اشي ترقيءَ جي بُک انسانيت کي ڌُٻڻ جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هن انهن وڏن ڪاروبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي پنهنجي منافعي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جن سان ڪائنات جو توازن بگڙي رهيو آهي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو آهي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي وڃائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور استعمال ڪري رهيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ فضائي گدلاڻ انسانيت کي شديد خطرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ادا ڪري رهيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم ا??تو??يو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو ع??دو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمياتي تبديليءَ جي م??حول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو آهي.
ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ