لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل ??ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي ا??ان جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويند?? ۽ ??هو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي وفد ??ان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترق?? ۽ ??وشحال?? ۽ ??ستحڪ??م جي دعا ڪئي. ميڊيا ??ان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي ??ان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي يقين آهي ته قوم آئين پاڪستان جي حفاظت ڪندي، ا??ان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرج?? ۽ ??ڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئين ??ان گڏ نٿو هلي ان ??ان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي ا??ان جي ڀلائي آهي، آئين ??ان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آهي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادارن ??ان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ ا??ان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت ??ان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.
هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین