اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو ??هي ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صح?? جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صح?? جي سهولتن جي فراهمي، صحت ڪارڊ ۽ جاري ??نصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صح?? جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي، حڪومت مل?? جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدار?? جي لاءِ پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صح?? جي بهتري ??اءِ پيدائش کانپوءِ ويڪسي نيشن جي مڪمل ٿيڻ تائين ٻارن جي صح?? جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ حڪومت عالمي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪوم?? جي قدمن جي ڪري ??لڪ ۾ جنرل ويڪسي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي ??هي جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي وئي ??هي جنهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪسي نيشن جي شرح جي حوالي سان پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صح?? جي حوالي سان جاري ??نصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقين?? بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ