اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪ??تا?? آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عال??ي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪ??تا?? ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته پاڪ??تا?? جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهي. ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي پاڪ??تا?? ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي ??ستعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي ??هولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي ??هتر بڻائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa