اسلام آباد – 11 فيبر??ري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي ??ابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي سامهون رکندي ??مريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ??ا. اهي ڳالهيون ??ن ٽيڪسلا ۾ اورينج فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيُون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اورينج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چ??و ته اهڙن فيسٽيول جي انعقاد سان پاڪستان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ويجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي ??ي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾، پنهنجي اقتصادي ??رجيحن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي ??ابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي عب??ري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چ??و ته اسان پنهنجي مفادن کي سامهون رکندي ??مريڪا سان پنهنجا بهترين لاڳاپا چاهيون ??ا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون ??وڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان هندستان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ??ا، پر بدقسمتي سان هندستان سرڪار جي هندوتوا سوچ پ??ري خطي جي امن ۽ امان کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان جي اندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.
پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ