اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي، قب??ا ختم ڪرائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لا??ِ سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪشمير ڊولپمينٽ پيڪيج تي اعليٰ سطح?? اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، آزاد ڪشمير جي ناڻي واري وزير عبدالماجد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪشمير ترقياتي پيڪيج ۾ تجويز ڪيل منصوبن ۽ انهن جي لاڳت تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪشمير ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ حڪومت پاران انتظامي معاملن جي حوالي سان سڌارن تي به آگاهه ڪيو ويو. ترقياتي پيڪيج ۾ اهم شاهراهن، پُلين ۽ سرنگهن جي تعمير شامل آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايوو ويو ته انفرااسٽرڪچر جي بهتري سان سياحت کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿيندي، پيڪيج ۾ شهري انتظامي معاملن جي حوالي سان به منصوبا شامل آهن، شهرن ۾ موجود گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لا??ِ حڪومت هنگامي بن??اد?? تي قدم کنيا، ان شروعاتي مهينن ۾ نه رڳو قب??ن جي خلاف وڏو آپريشن ڪيو پر 1200 ٽن گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳايو ويو، توانائي جي شعبي سان گڏوگڏ پيڪيج ۾ سياحت کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي، سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري انهن کي شاهراهن سان جوڙيو ويندو. سياحتي ماڳن ۾ سڪي ريسارٽ بڻائڻ لا??ِ به جڳهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيڪيج ۾ بن??اد?? صحت جي سهولتن جي بهتري ۽ تعليم جي شعبي لا??ِ به هڪ وڏي رقم رکي وئي آه??، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بن??اد?? سهولتن جي فراههمي به پيڪيج جو حصو هوندي.پيڪيج ۾ صنعتي ترقي ۽ ماحوليات جي درستگي لا??ِ به وڏا منصوبا شامل آهن، ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي منصوبن، صحت ڪارڊ، نوجوانن لا??ِ روزگار، هارين جي مدد ۽ گهٽ لاڳت رهائش حاصل ڪرڻ جي دائري ڪارکي وسيع ڪري ڪشمير کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي. قب??ا هٽائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃ??، اسلام آباد جي ماڊل تي به ريڙهي وارن جي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لا??ِ سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن.
وزيراعظم پاران سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : loteria estadual