اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين کي هر ممڪن ??بي سهولتون فراهم ڪر?? جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستان صوبي جي امن کي سبوتاز ڪر?? چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پونئيرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪر?? جي لاءِ صبر جميل عطا ف??مائڻ جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2