اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ??عم??ر ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳا??هه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ناروي جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ت?? پاڪستان ۽ ناروي جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، ناروي ۾ رهندڙ پنج هزار پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ت?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. حڪومت پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي، ناروي جون وڏيون ڪمپنيون، اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ت?? ”ناروي جي پارليامينٽ ۾ پاڪ – ناروي ف??ينڊشپ گروپ جو قيام، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي ف??وغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير نارويجين هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.
پاڪستان ۽ ناروي جي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون مثالي نوعيت جو آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز