اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي صدر ڊا??سپ??/121451.html">?ٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊا??سپ??/121451.html">?ٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊا??سپ??/121451.html">?ٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پارليامينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ نئين پارلياماني سال جي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊا??سپ??/121451.html">?ٽر بابر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي صدر ڊا??سپ??/121451.html">?ٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات صدر جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ ک?سپ??/121806.html">ي د??پيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام ک?سپ??/121806.html">ي د??پيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿين پارلياماني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئين پارلياماني سال ۾ عوامي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي جنهن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن وڃي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته پارلياماني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری