اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، ??ال??ي برادري افغان عوام جي معاشي مدد ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان سان ابوظهبي جي و??ي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ??رج??يو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، افغانستان جي عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظم عمران خان ??ال??ي برادري تي زور ڏنو ته اها ا??غان عوام جي معاشي مدد ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ج?? لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع ج?? لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي و??ي عهد کي مبارڪباد ڏني. هن ان ميگا ا??ونٽ جي ڪاميابي ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ و??ي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز