سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ??يترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي، تعميرات جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، انهن منصوبن سان نوجوانن کي روزگار جا ??وق??ا ملندا، صنعت کي فروغ ملندو، ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، گهر حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ماڻهن اڳ ۾ ئي رجسٽريشن ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هو سرگوڌا ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گهرن جي تعمير جي ??نصوبي جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وق??ي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڏي وزير عثمان بوزدار، سندس ٽيم، چيف سيڪريٽري ۽ هائوسنگ کاتي کي ان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڏو وزير سمورن کاتن جو چيف ايگزيڪيوٽو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري وڏي پئماني تي گهرن جي تعمير جو سرڪاري سطح تي منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ۽ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سوچي به نه سگهندو هو ته ان جو پنهنجو گهر ??جي ان جي ??نهنجي ذاتي گهر جو خواب پورو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بئنڪن مان پئسي وارن ماڻهن کي قرض ملي ويندو هو پر پگهاردار ۽ پورهيت جي ??اءِ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون هيون، اسان ان سلسلي ۾ مشڪلاتون ختم ڪيون. فور ڪلوزر قانون عدالتن مان ٻن سالن ۾ منظور ڪرايو ان تي ??دالتن جا به ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عام ماڻهو کي بئنڪ مان مورگيج جي ??اءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن، بئنڪن جا سربراهه ان سهولت جي ??اءِ پنهنجي عملي جي خصوصي تربيت ڪن ته جيئن ا??ا سهولت آساني سان دستياب هجي. هن چيو ته اسان هن منصوبي ۾ خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو هدف رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍن شهرن سان گڏ نيم شهر ۽ ڳوٺن ۾ به اهي گهر ??اهيا پيا وڃن، ماضي ۾ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ شهرن کان پري ڳوٺن ۾ گهرن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو جڏهن ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو. اسان جيڪي گهر ??اهي رهيا آهيون انهن جي رجسٽريشن جو ڪم اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهو هتي ??هائش اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، انهن گهرن جي ??اءِ قسط به برداشت جوڳي هوندي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ايترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste