اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ ??فا?? وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ به شر??ڪ هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ايوانن جي ايندڙ اجلاسن جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن موجب هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اجلاسن جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلائڻ حڪو??ت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي. عوامي مسئلن جي حل لاءِ عوام جون نظرون پارليامينٽ ڏانهن آهن. ايوان جي ڪارروائي دوران حڪو??ت ۽ مخالف ڌر کي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ??رو??ت آهي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ