اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي وبا جي حوال?? سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 97 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 46 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 س??ڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 50 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 37 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 574 ٽيسٽ ڪ??ا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 519، پنجاب ۾ 14 هزار 411، خيبر??خت??نخواهه ۾ 6 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 264، بلوچستان ۾ 555، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 238 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي چڪو آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ