اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪرد??ر ۽ پاڪس??ان سميت ڪيترن ئي مل??ن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ ج?? صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ ج?? صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ ج?? صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ ج?? صدر طيب اردوان جي پاڪس??ان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪرد??ر ۽ پاڪس??ان سميت ڪيترن ئي مل??ن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات