بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) رياستي ادارن جو استحڪام ۽ غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي، رياستي ادارن جي استحڪام سان بدعنواني جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، وائيٽ ڪالر ڪرائم کي منهن ڏيڻ انتهائي اهم آهي ان حوالي سان چين جي تجربن مان فائدو ک??ڻ چاهيون ٿا ۽ چين جو تعاون گهربل آهي، اسان جي لاءِ اولهه جي ڀيٽ ۾ چين جو ماڊل بنيادي اهميت رکندڙ آهي، بدعنواني جي خاتمي سان ئي هدف حاص?? ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئي سگهجي ٿو.. وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفد سان گڏ بيجنگ ۾ چين جي سينٽرل پارٽي اسڪول پهتو ته اسڪول جي وقتي صدر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي سينٽرل پارٽي اسڪول جي وقتي صدر سان ملاق??ت به ٿي. سينٽرل پارٽي اسڪول ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان اتر ڪوريا ۽ ملائيشيا جي لاءِ هڪ ماڊل ملڪ هو پر 1980ع جي ڏهاڪي جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن شروع ٿي.
رياستي ادارن جو استحڪام ۽ غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر