اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو آه?? ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن خطي کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آه??، اسان اجتماع?? طور تي اڌ ارب کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنهنجي خطي ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو آه??، هو اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حليل ابراهيم ڪڪا سان گڏ اي سي او سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا، وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن پرامن خطي جي لاءِ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف اجتماعي ڪوششن جو به عزم ڪيو آه??، محمد نو??ز شريف چيو ته هي خطو سدائين ثقافتن ۽ تصورن جي مٽاسٽا جي لاءِ گذرگاهه رهيو آه??، هن چيو ته سربراهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن اي سي او جي گورننگ باڊيز کي هدايت ڪئي ته هو سربراهه اجلاس جي موضوع ”خطي جي خوشحالي جي لاءِ رابطا“ کي نظر ۾ رکندي گهڻ رخي رابطن کي فروغ ڏين.
تنظيم جي ميمبر ملڪن امن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ