واشنگٽن-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي نجي آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس ايندڙ 6 سالن ۾ مريخ ??ي انسان بردار مشن روانو ڪرڻ جو اعلان ڪي?? آهي. ايڪس تي جاري هڪ پيغام ۾ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ چي?? آهي ته سندس اسپيس ٽيڪ ڪمپني، اسپيس ايڪس ايندڙ 2 سالن ۾ مريخ تي لڳ ڀڳ 05 بنا عملي جي خلائي مشن روانو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي. جيڪڏهن اهي خلائي جهاز مريخ تي حفاظت سان پهچي وڃن ٿا ته ايندڙ 4 سالن ۾ مريخ ??ي انسان بردار مشن روانو ڪ??و ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيءَ طرح جا مشن هر ٻن سالن کان پوءِ ان وقت روانو ڪ??ا ويندا جڏهن زمين ۽ مريخ سڌائي ۾ اچن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مريخ سندن طئي ٿيل منصوبي تي ناڪام به ٿي وڃي ٿو تڏهن به اسيپس ايڪس هر ٽرانزٽ جي موقعي سان مريخ تي سفر ڪندڙ خلائي جهازن جي انگ ۾ اضافو ڪ??دو رهندو، تنهنڪري پهريان انسان بردار مشن جي ٽائيم لائن بنا عملي جي اُڏامن جي ڪاميابي تي ڀاڙڻ هوندو. ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به اهڙي شخص کي مريخ تي وڃڻ جي قابل بنائڻ چاهيون ٿا جيڪي خلائي مسافر بڻجڻ چاهين ٿا.
ايلون مسڪ پاران ايندڙ 6 سالن ۾ مريخ تي انسان بردار مشن روانو ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ